اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سر??راهن جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت پاران مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ا??ڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪر چيو ته اسلام آباد مان روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وزيراعظم محمد شهباز شر??ف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت جي مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاون تنظيم جي سر??راهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلام آباد مان روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل