اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ?? ڊيٽا جو ??ائدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي ذريعي آبي وسيلن، ڪلائيمنٽ پي??رن ۽ زرعي ضرورتن جي باري ۾ صحيح ۽ حقيقت تي ٻَڌل ڊيٽا حاصل ٿئي ٿي. هوءَ ڪالهه هتي ”بدلجندڙ آبهوا ۾ بهتر پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ جامع پاليسي سڌارن“ جي موضوع تي پارلياماني ڊائلاگ سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي استعمال سان پاڻيءَ جو ??ناسب استعمال يقيني بڻايو پي?? وڃي، زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پي?? وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڊيٽا جو ??اليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي وزارت، آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر پب??ڪ سروسز ڊليوري لاءِ ڊيٽا کي پهچ جوڳو بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ ان جي اهم ڪرار جي نشاندهي ڪري ٿي، آءِ ٽي وزارت جدت، ڊجيٽل منتقلي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
آءِ ٽي ۽ ڊيٽا جو پائيدار اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي، آءِ ٽي وزارت ڊجيٽل منتقلي لاءِ پُرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق