اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمي?? محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ تي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پنهنجي ب??ان ۾ هن چيو ته پوري ٽورنامينٽ ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي. ڪپتان نثار علي ۽ محمد صفدر شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ فائينل ۾ فتح کي يقيني بڻايو. هن چيو ته پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مينجمينٽ به مبارڪن جي مستحق آهي. ٽيم جي سمورن رانديگرن جذبي سا?? محنت ڪئي ۽ ورلڊڪپ ٽائيٽل کٽيو.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں