اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ايوان صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڊاڪٽر سهيل ان??م نالي جعلساز جي ايوان صدر ۾ گريڊ 21 جي پوسٽ تي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ گريڊ 21 ۾ پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل ان??م جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل ان??م نالي ڪنهن شخص جي مقرري ناهي ڪئ??. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سهيل ان??م ايوان صدر جي سيڪريٽري جنرل جي پرسنل سيڪريٽري جا ڪارڊز پڻ ڇپرائي رکيا آهن. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ايوان صدر ۾ سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي، ايوان صدر ۾ آفيسرن جي مقرري شفافيت ۽ ديانتداري جي بنياد تي ڪئ?? وڃي ٿي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته جعلي نوٽيفڪيشن جي جاچ جي لاءِ معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو آهي.
ڊاڪٽر سهيل انجم جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو آهي: ايوان صدر
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری