واشنگٽن-24 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٻه طرفو معاملو آهن، اسان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام چاهيون ٿا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چي?? ته اسان ڊگهي عرصي کان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام جو مطالبو ڪندا پيا اچون. اسان ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جي حوالي سان اڳڀرائيءَ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي شراڪتدار آهن ۽ ٻنهي جي پنهنجي انفرادي حيثيت آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهين جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان جاري بيان جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چي?? ته اسان ڊگهي وقت کان ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جا خواهشمند آهيون پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي رفتار، دائره ڪار ۽ نوعيت جو فيصلو ٻنهي ملڪن کي ئي ڪرڻو آهي. هن چي?? ته آمريڪا ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ آئينده پڻ جيڪو ممڪن ٿي سگهيو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته يقينن پاڪستان اسان جو شراڪتدار آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪنهن به چونڊيل حڪومت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چي?? ته اسان جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، اسان مخ??لف حڪومتن دوران انهن سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. هن وڌيڪ چي?? ته اسان اڳ به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته حڪومت کي ان جي پاليسين مطابق ڏسون ٿا ۽ ان سان گڏ اڳتي وڌندا آهيون. هن چي?? ته اصل سوال اهو آهي ته ايندڙ پاڪستاني حڪومت ڪهڙي پاليسيءَ تحت اڳتي وڌندي. آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٻه طرفه معاملا آهن، ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل