يروشلم -25 سيپٽمبر (اي پي پي) اس??ائيل جي قابض حڪومت والاريل بيت ال??قدس جي اوڀرندي حصي ۾ هلندڙ س??ل جي شروع کان 18 هزار کان وڌيڪ گهرن جي تعمير واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فلسطين جي اطلاعات واري مرڪز مطابق اس??ائيلي عير عميم فائونڊيشن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته موجوده اس??ائيل جي حڪومت هن سال جنوري کان سيپٽمبر تائين والاريل بيت ال??قدس جي اوڀر واري حصي ۾ 18 هزار 223 گهرن جي يونٽن جي تعمير جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تنظيم ٻڌايو ته نون يونٽس جو اهو انگ 2021ع بعد والاريل بيت ال??قدس ۽ ان جي چوڌاري آبادڪاري جي توسيع وڌائڻ جي رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اها اڳڀرائي اس??ائيل جي مسقتل ۽ منظم ڏاڍ جي حقيقت جي عڪاسي آهي. قابض فوج والاريل اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت ال??قدس ۾ 199 کان وڌيڪ وسنديون ۽ 256 بستي چوڪيون قائم ڪيون آهن جن ۾ 9 لک کان وڌيڪ آبادي ترسيل آهي، جن مان سا??ا 3 لک والاريل بيت ال??قدس جي اوڀرندي حصي جا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي فلسطيني شهرين ۽ سندن فلسطيني ملڪيتن تي اٽڪل روزانو حملا ڪندا آهن.
اسرائيل جي حڪومت طرفان والاريل بيت المقدس ۾ 18 هزار يهودي گهر تعمير ڪرڻ واري منصوبي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن