تهران -07 نومبر (اي پي پي) ايران غزه تي ايٽمي بم ڪيرائڻ بابت اسرائيل جي ??قافت وا??ي وزير جي ??يانن بعد گڏيل قومن کان فوري طور تي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسن امير عبداللهيان گذريل ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کان مطال??و ڪيو آهي، ته اهي اسرائيل کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کي ان نسل پرست ۽ وحشي حڪومت کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري ۽ مستقل ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا کي غزه ۾ نسل ڪشي جو مڪمل ذميوار قرار ڏنو. جيستائين اسرائيل جي وزير جو غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ وا??ي ڌمڪي ??و تعلق آهي. هن فلسطيني ڌڙن جي ??والي سان چيو ته اهي بيان مزاحمت آڏو سندن حڪومت جي ??قيقي شڪست کي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ??رجمان عالمي برادري کان مطال??و ڪيو آهي، ته اها اسرائيل کان خطرناڪ ايٽمي خطري کي نظر ۾ رکن. هن ان خطري جي ??والي سان ايٽمي هٿيارن جي ??ستعمال تي پابندي بابت اولهه جي ملڪن جي ??اموشي تي تنقيد ڪندي چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اولهه جا دعويدار سالن کان خيالي ۽ ڪوڙي خطري سان وڙهي رهيا آهن. پر کين اصل خطرو نظر اچي رهيو آهي ۽ هاڻي تائين انهن پاران ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايٽمي حملي جي ڌمڪي، گڏيل قومون ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن: ايران
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک