قاهره-13 مئي (اي پي پي) مصر چيو آهي، ته هو غزه ۾ جاري ??نگ جي تناظر ۾ انصاف واري ??المي عدالت (آءِ سي جي) ۾ اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا طرفان نسل ڪشي واري ڪيس جي حمايت لاءِ باضابطه ڌر بڻجڻ جي تياري ڪري ??هيو آهي. العربيه جي رپورٽ مطابق مصر ج?? پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته اهو قدم غزه جي پٽي ۾ فلسطيني شه??ين خلاف اسرائيلي حملن جي وڌندڙ شدت ۽ دائرڪار کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو منظرم اسرائيلي طريقن ۽ حملن وچ ۾ ڪيو ويو، جن ماڻهن کي آخرڪار لڏپلاڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي جنهن سبب هڪ بي مثال انساني بحران پيدا ٿيو آهي. مصر طرفان اهو اعلان ان ڳالهه کان پوءِ ڪيو ويو جڏهن اسرائيل گذريل هفتي مصر ج?? سرحد رفح جي اوڀرندي علائقي ۾ داخل ٿي عالمي مخالفت جي نفي ڪئي ۽ ويجهي گذرگاهه ت?? قبضو ڪيو جيڪو والاريل فسلطيني علائقي ۾ امداد جي رسد لاءِ اهم رستو آهي. ڏکڻ آفريقا ج??وري ۾ عالمي عدالت کي اهو اعلان ڪرُڻ جو چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري ??هيو آهي ۽ هو اسرائيل کي پٽي ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏئي.
ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف واري عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف نسل ڪشي واري ڪيس ۾ مصر به ڌر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش