رياض-12 جون (اي پي پي ) سع??دي عرب گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل غزه پٽي ۾ فوري جنگ بندي جي حوالي سان آمريڪي قرار داد جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي . عرب نيوز موجب سع??دي پرڏيهي وزير بيان ۾ زور ڀريو آهي ته تڪرار جي حل لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون جنگ بندي جي اهميت کي ترجيح ڏين . سع??دي عرب عالمي قراردادن موجب خطي ۾ مستقل بنيادن تي امن ۽ جنگ بندي س??يت فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ ڪيل سمورين ڪوشش?? جي حمايت جاري رکندو . واضح رهي ته گذريل رات سلامتي ڪائونسل آمريڪي قرار داد جو معاهدو منظور ڪيو جنهن ۾ غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هيو . سلامتي ڪائونسل جي 14 ميمبرن قرارداد کي منظور ڪيو جڏهن ته روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو . ياد رهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي نمائندي لينڊا ٿامس گرين فيلڊ جو چوڻ هو ته آمريڪي تجويز ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي پهرين مرحلي ۾ يرغمالين جي آزادي ( عورتن ۽ بزرگ ماڻهن ) کين فوري ۽ مڪمل جنگ بندي ڪرڻ شامل آهي . ان کانسواءِ ڪجهه يرغمالين جي لاش?? جي واپسي ، فلسطيني قيدي?? جي مٽا سٽا ۽ آبادي وارن علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي س??يت غزه جي س??ورن علائقن طرف فلسطيني?? جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي شامل آهي . ٻئي مرحلي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويندو ته سمورن اسرائيلي قيدي?? جي آزادي سان مستقل بنيادن تي پر تشدد ڪاروائي?? جي روڪ ٿام ڪئي وڃي. ان سان گڏ ئي غزه پٽي ۾ وڏي پيماني تي نئين سرتعمير جي منصوبن کي شروع ڪيو ويندو . جيڪو ڪيترن سالن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ انهن مارجي ويل اسرائيل?? جي باقيات به واپس موٽائي ويندي جيڪي غزه ۾ مارجي ويا هئا .
سعودي عرب پاران سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي قرارداد جي منظوري جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی